اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي م??صو??ن ۽ پاڪ ايران واپار جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمب??ي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز بلوچ شامل هئا.