اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ??يف??نس کي اڳوڻي و??ير??عظم جي انتقامي ڪارروائي، عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش قرار ڏيندي ڪيوريٽيو ريويو ??يف??نس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڪيوريٽيو ريويو ??يف??نس ڪمزور ۽ بي بنياد سببن تي داخل ٿيو هو، ان لاءِ حڪومت ان جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. و??ير??عظم جي صدارت ۾ ڪابينا اڳ ۾ ئي ان فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. بيان موجب و??ير??عظم قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيوريٽيو ريويو ??يف??نس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته ??يف??نس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهرڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو. اهو ??يف??نس نه هو، آئين ۽ قانون جي راهه تي هلندڙ هڪ منصف مزاج جج جي خلاف هڪ منتقم مزاج شخص عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي ۽ عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪڌي سازش هئي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ??يف??نس جي مذمت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان ڏوهاري فعل جي لاءِ ناجائز استعمال ڪيو. و??ير??عظم چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ هٿيار ۽ هڪ ڪوڙ جو حصيدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن پڻ ان جي مخالفت ڪئي هئي، انهن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.