اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قا??ي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي ل??ءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان سان ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي وارثن کي پ??رڪ انڪليو اسلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قا??ي عبدالرحمان امرتسري جي پ??ڪستان جي ل??ءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قا??ي عبدالرحمان امرتسري کي ق??م خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروائي مڪمل ڪري وارثن کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا ??اص طور تي حامد مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وزيراعظم سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.