اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه ??ار?? علوي خصوصي ماڻهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح جي ادارن جي وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪرڻو پوندو ۽ انهن کي سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن ۽ هنر موجب نوڪريون ڏ??ڻيون پونديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن بابت قومي تربيتي مرڪز اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول چيو ته خصوصي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي شموليت وڌائڻ جي ضرورت آهي، نجي شعبو وڌيڪ انگ ۾ خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏ??، خصوصي ماڻهو محنتي ۽ هنرمند آهن، آجر انهن بابت مثبت راءِ رکن ٿا. بيگم ثمينه ??ار?? علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ معاشي شموليت جي لاءِ انهن کي ڪوٽا موجب نوڪريون ڏ??ڻي تمام اهم آهي. خاتون اول قومي تربيتي مرڪز ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس پاران 104 خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏ??ارڻ جي واعدي کي ساراهيو. هن ڪرسٽوفر بلائنڊ مشن پاران خصوصي ماڻهن کي پنهنجي ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ 25 ڪٽس جي فراهمي کي ساراهيندي چيو ته سڄي ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار ۽ فلاحي تنظيمون خصوصي ماڻهن جي مالي خودمختياري جي لاءِ وڌي چڙهي ڪم ڪن. خاتون اول چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا هڪ ٻئي جي طرزعمل، معياري طريقيڪار ۽ تجربي مان سکي سگهن ٿا، اسڪولن کي خصوصي ٻارن جي لاءِ موز??ن بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي استادن کي وڌيڪ انگ ۾ تربيت ڏيڻي پوندي، استادن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ انهن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏئي سگهجي ٿي. هن بئنڪن، پارڪن، بازارن ۽ عوامي جاين تي محفوظ ۽ استعمال جوڳا ريمپ تعمير ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن کي درپيس مسئلن بابت وڌيڪ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. ان کان اڳ خاتون اول کي قومي تربيتي مرڪز ۾ موجود سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. خاتون اول کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن کي ڪمپيوٽر، ڪرافڪ ڊيزائن، موبائيل ريپئرنگ سميت مختلف هنر سيکاريا وڃن ٿا، اسلام آباد جي مختلف اسڪولن ۾ 1700 کان وڌيڪ خصوصي ٻار عام ٻارن سان گڏ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، خصوصي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ قومي تربيتي مرڪز هيستائين 850 استادن جي تربيت مڪمل ڪري چڪو آهي. بيگم ثمينه ??ار?? علوي مرڪز ۾ موجود مختلف ليبارٽرين ۽ تربيتي سهولتن جو جائزو ورتو. هن خصوصي ٻارن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر فراهم ڪرڻ تي مرڪز جي خدمتن کي ساراهيو. خاتون اول نجي شعبي جي تعاون سان خصوصي ماڻهن کي نوڪريون ڏ??ارڻ جي لاءِ مرڪز جي قد??ن کي پڻ ساراهيو. خاتون اول تربيت مڪمل ڪندڙ خصوصي ش??گر??ن ۾ ڊپلوما ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.