اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عا??مي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ضياءَ محي الد??ن جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان س??يت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوب??ن جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چيو ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عا??مي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستان جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ محي الد??ن ج?? آواز اسان جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چيو ته ان جي صلاحيتن ۽ ان جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.