اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن اقبال چيو آهي ته اُسرند?? ملڪن کي قرضن تي رليف جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي، ترقي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيل ٻوڏ سبب ??قصان 46.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. ٻوڏ سبب غربت ۾ 3.7 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي، 84 لک کان 91 لک ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا، ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک آبادي متاثر ٿي آهي، 25 غريب ترين ضلعن ۾ پڻ 19 ضلعا ٻوڏ سبب ??تاثر ٿيا آهن. فرينڊز آف پاڪستان ڪانفرنس 10 جنوري تي منعقد ٿيندي. اهڙو اظهار هن پائيدار ترقيءَ واري اداري جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ کانپوءِ ڪيترائي چئلينج موجود آهن، سمورن سارڪ ??لڪ?? کي بهتر زندگيءَ ??ي معيار جا چئيلنجز سامهون آهن. سارڪ ??لڪ?? ۾ موسمياتي تبديليون، روس ۽ يوڪرين جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. سارڪ ??لڪ?? ۾ موسمياتي تبديليون عالمي برادريءَ ??و توجهه چاهين ٿيون، عالمي امدادي ادارا سارڪ ??لڪ?? کي 30 کان 35 سالن جي ڊگهي مُدي جا قرض ڏين، سارڪ ??لڪ?? کي موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي مُدي وارن فنڊن جي ضرورت آهي. هن چيو ته خطي جي ??لڪ?? کي معاشي، سماجي ۽ موسمياتي تبديليءَ ??هڙا چئلينجز آڏو آهن. روس ۽ يوڪرين جنگ سبب اُسرند?? ملڪن تي دٻاءُ آهي، بين الاقوامي مالياتي ادارا اُسرند?? ملڪن کي ڊگهي مُدي جا سستا قرض فراهم ڪن. ڊاڪٽر احسن اقبال چيو ته معاشي بحالي هڪ ڊگهي مُدي واري ايجنڊا آهن، خطي جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ادائگي جي توازن جا بحران موجود آهن، اُسرند?? ملڪن کي قرضن تي رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي، حڪومت غريب ترين ضلعن لاءِ 40 ارب رپيا رکيا آهن. رٿابندي واري وزارت ۾ ايس ڊي جيز يونٽ قائم ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ٻوڏ سبب ??کين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن، سماجي تحفظ جي پروگرامن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.