اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 ۽ 10 نومبر تي س??ودي عرب جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران پرڏيهي وزير پن??نجي س??ودي هم منصب سان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) جي سياسي ۽ سلامتي بابت گڏيل ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پن??نجي دوري دوران جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪندو. سرڪاري مصروفيتن کانسو??ءِ پرڏيهي وزير مقامي ميڊيا ۽ ملڪ جي ٻين معززين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جي دوري س??ن سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ گڏيل مفاد ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فر??غ ملندو.