ڪراچي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل ان??ام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 34275 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪي?? ويا آهن. شرجيل ان??ام ميمڻ پنهنجي پريس بي??ن ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 2000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 3000، حيدرآباد ۾ 4000، مٽياري 500، ڄامشورو 2975، ٽنڊوالهيار 1000، جيڪب آباد 1000، لاڙڪاڻو 3000، قمبر شهدادڪوٽ 3500، خيرپور ميرس 500، نو??هروفيروز 3500، سکر 3000، سانگهڙ 300، شهيد بينظير آباد 4000 ۽ ميرپورخاص ۾ 2000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪي?? ويا. مجموعي طور تي 1612812 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪي?? ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب متاثرن ۾ وڌيڪ 744 ڍورن جون مڇردانيون ورهايون ۽ متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ 10 هيوي ڊيواٽرنگ پمپ پڻ پهچايا ويا آهن. هاڻي تائين متاثرن کي 612908 خيما، 535457 پلاسٽڪ ترپال، 3234345 مڇردانيون، 800770 ليٽر منرل واٽر، 133623 تيار ٿيل کاڌي جون ڌيڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 22003 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 243030 متاثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 67149 ٻار ۽ 52970 عورتون شامل آهن، جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل ان??ام ميمڻ چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 779 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي بي??اجن تي پاڻي جي وهڪرو هيٺين سطح تي آهي، گڊو بي??اج تي پاڻي جي آمد 58600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 48400 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بي??اج تي پاڻي جي آمد 48100 ڪيوسڪ ۽ اخراج 37000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بي??اج تي پاڻي جي آمد 78400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 48500 ڪيوسڪ آهي.