اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف موٽروي ايم نائن تي نوري آباد ويجهو بس ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته هُو نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي بس کي باهه لڳڻ جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي شديد ڏکويل آهي. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئ?? ته ان حادثي ۾ فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ جڳهه ڏي، ڏکويل خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي ڏي.