اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سا??ان کڻي پا??ستان پهتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه م??ن 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٽي، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون امدادي سا??ان کڻي پا??ستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ٽن امدادي سا??ان ٽرڪن ذريعي پا??ستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سا??ان پا??ستان موڪليو ويو آهي. پا??ستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سا??ان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات مان امدادي سا??ان کڻي هڪ سا??ونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.