اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جي جاري ريس??يو ۽ رليف آپريشن لاءِ هيليڪاپٽرن جي 140 اڏامن ذريعي 550 ماڻهن کي محفوظ جا??ن تي منتقل ??يو ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فوج جي هيليڪاپٽرن جي ذريعي 29 ٽن راشن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موڪليو ويو، ملڪ جي مختلف حصن ۾ 6140 راشن پيڪٽس ۽ 325 ٽينٽ به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پهچايا ويا. ملڪ جي مختلف حصن ۾ لڳايل ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 5231 مريضن جو علاج ??يو ويو. مختلف فارميشنز ۾ ٻوڏ متاثر لاءِ رليف ڪئمپس لڳا??ون و??ون آهن.