اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري ??سي??ن ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطر??ي ۽ علائقائي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي من??وبن جي لاءِ يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد من??قد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي تازي صورتحال ۽ سياسي من????نا??ي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ ا??ساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪستان جي صورتحال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.