اسلام آباد – 30 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي مع??ملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ ج??چي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يانگ ج??چي پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي مع??ملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ ج??چي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مملڪتي وزير حنا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يانگ ج??چي سان 2015ع ۾ چيني صدر جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صدر جي وفد جي اهم ميمبر جي حيثيت سان يانگ ج??چي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مختلف مع??هدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ س?? پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يانگ ج??چي پاڪستان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين پاڪستان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي بيجنگ جي دوري جو به ذڪر ڪ??و، جڏهن ساڻس يانگ ج??چي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته س?? پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يانگ ج??چي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.