اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارر??ائ?? ڪئي وڃي، بلين ٽري سونامي جي دع??ائ?? ۾ قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، بلين ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طور لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارر??ائ?? مجاز ??ٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، ??طل??عات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، ??طل??عات واري وفاقي وزير، ??طل??عات واري وفاقي سيڪريٽري کي ??طل??عات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارر??ائ?? جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، انهن جون عمرون ۽ انهن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، انب، ٽالهي، شهتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي، ذميدارن جي خلاف سخت ڪارر??ائ?? ڪئي وڃي.