گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيني سي??پڪ??رن کي هر ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اهي هدايتون چيني ڪمپنين جي وفد سان ملا??ات د??را?? ڏنيون. وزيراعظم انهن کي گوادر شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جو استعمال ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن گوادر ايئرپ??رٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گوادر پ??رٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سي??پڪ??رن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي ان سلسلي ۾ چيني سي??پڪ??رن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ملا??ات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ٻيون اهم سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.