اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) سومر ڏينهن بزنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت تي ناڻي واري وزارت پاران منعقد پري بجيٽ ??ان??رنس کي خطاب ڪندو. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کي هن وقت ناڻي واڌ ۾ اضافو، وڏي ٻاهرئين خساري، پرڏيهي ناڻي جي ش??ح ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ وڌندڙ غيريقيني واري صورتحال جهڙا ڪيترائي معاشي چئلينجز درپيش آهن. ان کانسواءِ موجوده عالمي اقتصادي منظرنامو پڻ ملڪي اقتصادي منظرنامي جي لاءِ خدشا پيدا ڪري رهيو آهي. موجوده حڪومت جي ڪلي معيشت جي وڌندڙ عد?? توازن تي ٻڌل هڪ اهڙي معيشت ورثي ۾ ملي آهي جنهن پاڪستان کي مالياتي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ موجوده حڪومت مخ??لف فوري قدمن ذريعي معيشت کي مضبوط بڻائڻ، قيمتن ۾ استحڪام ۽ ٻاهرئين ۽ مالياتي ش??بن جي پائيداري کي برقرار رکڻ جي لاءِ مخ??صر وقت ۾ قدم کنيا آهن. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت ايندڙ مالي سال 2023ع جو وفاقي ميزانيو تيار ڪري رهي آهي، بجيٽ سازي ۾ عوامي ش??ڪت ۽ شموليت جي ذريعي ترقي پسند، ترقياتي ۽ عوام دوست بجيٽ ٺاهڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. انهي ڏس ۾ موجوده حڪومت ڪاروباري ش??بي سان حصيداري جي خواهش رکي ٿي ته جيئن نئين وفاقي بجيٽ نجي ۽ ڪاروباري ش??بي ۽ عوام جي اميدن جي عڪاس هجي. ناڻي واري وزارت موجب نجي ش??بو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. نجي ۽ ڪاروباري ش??بي جي قيمتي راءِ ۽ تجويزن کي ش??مل ڪرڻ جي لاءِ 7 جون 2022ع تي بزنس، زراعت ۽ آءِ ٽي تي هڪ پري بجيٽ ??ان??رنس منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اها ??ان??رنس ناليوارن واپارين، زراعت جي ماهرن ۽ آءِ ٽي ماهرن کي غور فڪر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي ۽ ماهر ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، ڪاروبار ۽ برآمدي ش??بن بابت نوان خيال ۽ سفارشون پيش ڪندا. ??ان??رنس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف خطاب ڪندو. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت هن مشڪل وقت ۾ معيشت کي اعليٰ، پائيدار ۽ ٺوس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي ش??بن کي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي ٻڌل ٺوس بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿي.