اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مشهور حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي جعلي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي قد??ن جي سخت مذمت ڪندي چيو آ??ي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قد??ن جو نوٽيس وٺي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته بي مثال بهادري ۽ حريت جي علامت ۽ ضمير جي قيدي ياسين ملڪ جي خلاف ڀارتي هٿڪنڊا رد ڪريون ٿا، اها ڪشميرين کي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل قانون ۽ انصاف کان مٿانهين ۽ انتقام تي ٻڌل ڀارتي قدم جو نوٽيس وٺي، حڪومت پاڪستان عالمي ۽ انساني حقن جي سمورن ادارن ۽ او آءِ سي جي فورم تي ياسين ملڪ ۽ ڪشميري قيادت جي خلاف انتقامي ڪاررواين کي پوري قوت سان اٿاريندي، هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ناجائز ۽ غير قانوني قدمن وانگر ياسين ملڪ جي خلاف ڪيس به غير قانوني ۽ ناجائز آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪندڙ ڀ??رت ڪشميرين جي نمائنده حقيقي قيادت ختم ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل منصوبابندي تي ??مل پيرا آهي، هن چيو ته آزادي ڪشمير جي نشاني سيد علي گيلاني شهيد جي مڙهه کان ڊڄندڙ ڀ??رت ياسين ملڪ جي حق واري ڳالهه کان ڊنل آهي. اشرف صحرائي شهيد، سندس شهيد صاحبزادي سميت هزارين شهداءِ ڪشمير راءِ شماري واري تحريڪ کي حاصل ڪرڻ جي منزل جا سنگ هاءِ ميل آهن. اهي سڀ شهداءِ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني طور تي قابض ڀ??رت جي ظلم ۽ بربريت ۽ رياستي ??هشتگردي جو ثبوت آهن، پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀ??رت جي ڪاري قانون ۽ عدالتي نظام عدل جي عالمي ۽ فطري گهرجن جي ابتڙ آهن، مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ڪنهن قوم کي ڏاڍ ۽ رياستي ??هشتگردي، ڪارن قانونن ۽ سزائن سان غلام نٿو بڻائي سگهجي، ناجائز حڪومت جي ڪارن قانونن سان ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي غلام نٿو بڻائي سگهجي، وزيراعظم چيو ته بهادر ڪشميرين کي انهن جي بي مثال جدوجهد تي ??لام پيش ڪريون ٿا جنهن ان مقصد لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادري گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪرائي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي.