اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) ني??نل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اسلام آباد ۾ سانوڻي جي قومي سطح تي ??ياري بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد ماحولياتي ??بديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر ا??داز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانفرنس جي صدارت اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانفرنس ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، ني??نل هاءِ وي اٿارٽي، فيڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏيل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??ين ڊي ايم اي پاران سال 2022ع جو ساليانو سانوڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ماحولياتي ??بديلين جي پاڪستان تي ??ثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي ??فتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏيل رابطي کي انساني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وقت سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين معلومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي ??طح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وقت سر ريسپانس تي ??ور ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي ??بديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ برفاني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيا آهن. سانوڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وقت سر ا??رٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ادارن جي نمائندن محڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.