اسلام آباد – 24 – اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مئي جي مهيني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ڪندي چي?? ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چي?? ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي بجلي جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان بجلي جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخان?? جي مرمت ڪئي وئي. وزيراعظم چي?? ته عمران حڪومت اسا?? جي دور جا سستا ۽ تيز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت قوم کي هر مهيني 100 ارب رپي?? جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته 6 ارب ۾ ايل اي?? جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو اهو قوم کي 20 ارب ۾ پئجي رهيو آهي، عمران حڪومت جو اهو ظلم قوم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستا?? جي معيشت جو ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.