اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر تي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته ڊپٽي اسپيڪر تي تشدد ?? غنده گردي جو اهو واقعو فاشزم آهي. هن چيو ته عمران خان جي مايوسي ۽ تشدد تي اتساهڻ جي ڪري اسان جي معاشري ک?? نقصان پهچي رهيو آهي ۽ اهي پاڻ جمهوريت تي حملي آور آهن.