اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند ??وج جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو و??و. ??در ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اس??اف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اس??اف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اس??اف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اس??يٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اس??امي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند ??وج جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪ??و. ??عودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند ??وج جي دستن صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پريڊ ۾ شامل فوجي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيند?? نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي عورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.