اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لا??ِ ڪاروباري ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ جي لا??ِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي، صنعتڪارن جي مشاورت سان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بحالي ممڪن ٿي سگهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ”آسان ڪاروبار پروگرام“ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن، غير ملڪي سفارتڪارن، واپاري تنظيمن جي نمائندن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لا??ِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون، ڪاروبار ۾ آساني جي لا??ِ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڪاروبار جي باري ۾ پورٽل جاري ڪرڻ جي ساراهيندي چيو ته ان سان واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ واپار جي باري ۾ آگاهي حاصل ٿيندي. صدر چيو ته واپاري سرگرمين کي وڌائڻ لا??ِ ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال اڻٽر آهي، ڪاروبار ۾ آساني جي لا??ِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. هن تقريب جي انعقاد تي ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ ۽ ٻين ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قومون سڌارن سان ترقي ڪنديون آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، عورتن کي به ڊجيٽل سيڪٽر ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، صدر چيو ته صوبائي حڪومتن ان منصوبي تي عملدرآمد جي لا??ِ ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ سان مڪمل تعاون ڪيو آهي جيڪو هڪ واکاڻ جوڳو قدم آهي، مملڪتي وزير ۽ ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ جي چيئرمين محمد اظفر احسن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ جي لا??ِ مختلف قدم کنيا آهن، هڪ سئو کان وڌيڪ سڌارن تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ سازگار ماحول قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، وفاقي ۽ صوبائي کاتن سان 167 سڌارن تي غور ڪيو ويو، مجموعي طور تي 75 ادارن ۾ 115 سڌارن تي عملدرآمد ڪيو و??و جنهن مان 30 کان وڌيڪ شعبن کي فائدو حاصل ٿيو آهي جنهن ۾ فوڊ پراسيسنگ، صحت جو شعبو، شمسي توانائي جو ڪاروبار، جراحي اوزار ٺاهڻ واري شعبي کانسواءِ تعميرات ۽ سياحت جا شعبا شامل آهن. وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي لا??ِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لا??ِ سڌارن جو عمل 2019ع ۾ شروع ڪيو و??و جنهن جي نتيجي ۾ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آساني ٿي آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان سيڙپڪارن ۽ واپارين جي لا??ِ مسئلن کي گهٽ ڪيو ويو آيه، هن صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، تقريب کي عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به خطاب ڪيو. هن صدر کي تقريب ۾ شرڪت تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آسان ڪاروبار پروگرام سان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ ان سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ ”آسان ڪاروبار پروگرام“ جو آغاز ملڪ ۾ واپار جي لا??ِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لا??ِ ڪيو آهي، ان پروگران سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪارن جي لا??ِ آساني پيدا ڪرڻ جي لا??ِ حڪومت سڌارن جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ صدر ب??رڊ آف انويس??مي??ٽ جي بزنس پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي هن نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.