اسلام آباد – 04 R11; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه 24 سالن کانپوءِ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوان ٿو، پاڪستان جو عوام سدائين کان ڪرڪيٽ سان انتهائي محبت ڪندڙ ماڻهو آهن جڏهن ته آسٽريليا جي ڪرڪيٽ انهن جي لاءِ سدائين ساراهه ج??ڳي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم آسٽريلوي ٽيم جي 24 سالن کانپوءِ پاڪستان اچڻ تي انهن کي ڀليڪار چوندي چيو ته اسان آسٽريليا جي دوري دوران دلچسپ ۽ بهترين مقابلو رکندڙ سيريز ڏسڻ جا خواهشمند آهيون. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.