پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيد جوان بابر حفيظ جي گهر ويو ۽ ش??يد جي والد محمد حفيظ سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ابر حفيظ شهيد دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو پاڪستان انهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??هيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان جي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦ??ي جو حساب وٺندي. هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ شهيد بابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن ک?? صبر جميل عطا فرمائي.