اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت عالمي سياحت ۽ ون??ر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي ??زي?? خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ??زي??اعظم چ??و ته حڪوم??ي قدمن جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وارو ??زي?? شوڪت فياض ترين ۽ سياحت بابت خاص مددگار اعظم جميل به موجود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتستان ويزن 2050ع ت?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.