لاهور – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت هيلٿ ڪارڊ ذريعي پنجاب جي سمورن خاندانن کي 400 ارب روپين کان وڌيڪ جي هيلٿ ??نشورنس فراهم ڪري رهي آهي، حڪومت جي پاليسين جي ڪري فيص?? آباد جي صنعت جو ڦيٿو ٻيهر هلڻ لڳو آهي، فيص?? آباد ۾ خصوصي اقتصادي زون جي قيام سان ٻاهرين سيڙپڪاري وڌيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيص?? آباد ڊويزن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فيص?? آباد سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيد طارق الحسن، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??في??ر به موجود هئا. اجلاس ۾ فيص?? آباد ڊويزن ۾ جاري ترقياتي منصوبن، لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پوري فيص?? آباد ڊويزن ۾ ??اب??ي رستن ۽ اه?? شاهراهن جي تعمير جاري آهي جنهن جي ذريعي ضلعن جا پاڻ ۾ ??اب??ا ۽ موٽر وي سان ??اب??ا بهتر ڪيا پيا وڃن، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ جهنگ ۾ يونيورسٽيون، پاور پلانٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ پيڪيج تحت منصوبن تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس ۾ فيص?? آباد لاءِ تجويز ڪيل پبلڪ ٽرانسپورٽ جي منصوبن، آءِ ٽي يونيورسٽي، شهر جي خوبصورتي کي وڌائڻ لاءِ منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان جاري ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن جي ترجيحي بنيادن تي تڪميل جي هدايت ڪئي.