اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پ?? پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پر??يهي وزيرن جو غير معمولي اجلاس افغانستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن ??سل??ان مل??ن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پر??يهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.