اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گهر گهر تلاشي“ ڪاررواين جي ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل جي شديد مذمت ڪئي آه?? ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آه?? ته هو والاريل ڪشمير ?? بي گناهه ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران عدالت کان مٿانهين قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀارتي قابض فوج 35 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو جڏهن ته سرينگر ۾ 24 نومبر تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آه??، ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج ڪشميرين جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آه?? جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ۽ آبادي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آه??. والاريل ڪشمير ?? بي شرمي سان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پاران ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪيو ويو آه??، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪيو آه?? ته هو ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، والاريل علائقي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آه??، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.