اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آ??مي چيف جنرل قمر ج??ويد باجوه ??ي وچ ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين مقرري جو پراسس شروع ٿي چڪو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سول ۽ فوجي قيادت اهو ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي استحڪام سالميت ۽ ترقي لاءِ سڀئي ادارا متحد ۽ هڪ آهن.