اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر ف??خ حبيب چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ جوابدار شهباز شريف سان مشاورت نه ٿي ٿي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جوابدار کان پڇيو ويو ته جاچ ڪندڙ ڪير هوندو؟ وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وز??ر ف??خ حبيب چيو ته شهباز شريف کي اخلاقي طور تي مخالف ڌر اڳواڻ نه هجڻ گهرجي، شفاف اليڪشن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ شهباز شريف آهي. هن چيو ته آئ??ن جي آرٽيڪل 218 موجب اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، ان حوالي سان سپ??يم ڪورٽ جا به واضح حڪم آهن.