اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) چين ??اڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ??يفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته گوادر پورٽ کي مڪمل طور فع??ل ڪيو ويو آهي، گوادر هوائي اڏي تي به ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي. گوادر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته هاڻي بندرگاهه تي ٽريفڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اڍائي ٽن سالن ۾ گوادر ۾ 12 هزار نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، گوادر پورٽ ما?? سامان جي فراهميءَ لاءِ آن لائن بُڪنگ ڪري سگهجي ٿي. عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته گوادر هوائي اڏي تي ڪم ڪافي تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي.