اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اس?? عمر وزيراعظم عمران خان کي سنڌ ۾ بدانتظامي خاص طور تي امن امان ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ??هي. وزيراعظم گهرو وزير کي سنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي صورتحال تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اس?? عمر سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.