اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين عدالت جا سرٽيفڪيٽ ورهائي ر??يا آهن، توهين عدالت جو لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ تي حملو، پاناما فيصلي تي مون کي ڇو ڪڍيو جي تحريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چ??و ويو ته ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين تي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ ??مانت ڏني هئي، اها ئي عدالت هاڻي طلب ڪري رهي آه??، ڇا عدالت جو حڪم نه مڃڻ توهين عدالت نه آه??، نيب آزاد ادارو آه??، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آه??، نيب شهباز شريف جي خلاف 7 ارب جو ريفرنس داخل ڪيو، نيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چ??و، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جون به سفارشون آه??، قانون موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦرلٽ، مني لانڊرنگ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي رهي، هاڻي اها کليل ڇوٽ ختم، ڦريل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.