اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪير بکيو نه سمهي“ موبائيل لنگر جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. شروعاتي طور تي ان پروگرام جي لاءِ راولپنڊي، اسلام آباد کي ماڊل شهر قرار ڏنو ويو آ??ي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته جون کان احساس پروگرام تحت 3 ڪروڙ خاندانن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، آبادگارن کي ڀاڻ تي سڌوسنئون سبسڊي شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تحت ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي چيئرمين عنون عباس پروگرام جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته احساس پروگرام جي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سيڪريٽري سميت پوري ٽيم کي آئون مبارڪباد ڏيان ٿو، هنن پناهگاهن کي ڏسي مون کي خوشي ٿئي ٿي ته پورهيت جيڪي پنهنجي گهروارن جي لاءِ محنت ڪن ٿا، اهي پنهنجو پئسو بچائي انهن کي موڪلي سگهندا، اهي مزدور جيڪي سڀ کان مشڪل زندگي گذاري رهيا هوندا آهن انهن جي لاءِ هي پناهگاهون هڪ پناهه آهي، هتي انهن کي عزت سان معياري کاڌو ۽ رهائش ڏني وڃي ٿي. هن عملي کي هدايت ڪئي ته اهي اهڙن ماڻهن سان صحيح طريقي سان پيش اچن، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح معاشري ۾ ڪمزور طبقي بابت سوچ آهي، ائين ئي انهن سان رويو رکيو وڃي بلڪه انهن کي ب??تر ماحول ڏيو، ان جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، شروع ۾ جڏهن هي پناهگاهون قائم ڪيون ته اتي معيار هيٺ ويو جڏهن ته هاڻي خوشي آهي ته اهو معيار ب??تر ٿي ويو آ??ي، هتي ڪم ڪندڙ محنت سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي آهي جو غريب ماڻهو کي ڏسي اها سوچ اختيار ڪئي وڃي ٿي ته ان کي غيرمعياري کاڌو ڏيڻ سان به ڪو فرق نه ٿو پوي، اسان کي انهن جو خيال ڪرڻو آ??ي، ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي ماڻهو بکيا سمهن ٿا، اسان هڪ فلاحي رياست بڻائڻ جو ذمو کنيو آ??ي، هي ان طرف پهريون قدم آهي. وزيراعظم چيو ته جن علائقن ۾ بک وڌيڪ هجي اتي ڌيان ڏيڻو آ??ي. وزيراعظم چيو ته اسان هن پروگرام مان تمام گهڻو ڪجهه سکنداسين، هي پروگرام پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو آ??ي، ان کي مسلسل ب??تر بڻائينداسين، ان جو پورو رڪارڊ رکنداسين، ان ۾ مسئلا به ايندا اهي حل ڪنداسين، ان جو دائرو پوري پاڪستان تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن مون کي عطيو ڏنو آ??ي، جڏهن انهن کي اعتماد هجي ته هي ماڻهو الله جي واسطي ڪم ڪري رهيا آهن ته ڪيترائي ماڻهو ان ۾ شامل ٿيندا، ملڪ ۾ کلي دل وارا ماڻهو آ??ن جيڪي الله جي خوشنودي جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا.