اسلام آباد – 14 فيب??ور?? (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وز??را??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وز??را??ظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وز??را??ظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. وز??را??ظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وز??را??ظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪرد??ي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وز??را??ظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.