اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آه?? ته مخالف ڌر بي شڪ احتجاج ڪري پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، عمران خان ڪ??هن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، مدرسن جي شاگردن کي ڀڙڪائڻ لاءِ اشتعال انگيز نعرا نه هنيا وڃن، موجوده اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪرائي ئي ناهي ته احتجاج جو ڪهڙو سبب آه??، مخالف ڌر ڪنهن اداري جي توقير تي سلامت رهڻ ڏي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ??رف نه پر اسلام جي طرف ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزيرن گهرو وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته وزيرن جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آه??، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي اعلان موجب مديني جي رياست طرز تي ٺاهڻ جو خواهشمند آه??، اسان ديني قوتن جو احترام ڪريون ٿا ۽ مدرسن کي اسلام جو قلعو ۽ مينار سمجهون ٿا، هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ 560 مدرسا آه?? جنهن مان صرف 92 رجسٽرڊ آه??، وزيرن جي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم ف??صل?? ڪيا آه?? ج??هن ته قانون واري وزير فروغ نسيم به اهم قانوني مشورا ڏنا آه??، هن چيو ته 19 جنوري تي مخالف ڌر پارٽيون اليڪشن ڪميشن احتجاج ??اءِ اچي رهيون آه??، اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آه??، جيڪ??هن ان تي ڪنهن کي اعتراض آه?? ته ان جو ڪو جواز نه آه??، جنهن اسيمبلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آه?? ان اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو به وٺي رهيا آه??، چونڊ سڌارن طرف نٿا اچن، گهرو وزير چيو ته مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ به مخالف ڌر حصو وٺندي، اسان اميد ڪريون ٿا ته مخالف ڌر امن امان جو مسئلو پيدا نه ڪندي، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي امن جي خواهش کي خراب نه ڪيو ويندو،