اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي ??هيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو ??فاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي ??هيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي ??هيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن سا?? ڪيل واعدا پورا ڪندو.