اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي م??ن هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مق??دن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، و??يراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهي آهي، ??ور?? قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن جي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي م??ڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي م??الف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائون جي واقعي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن.