اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت مو??عي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضر?? عيسيٰ جي يوم پيدائش جي مو??عي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. ان مو??عي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضر?? عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضر?? عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو د??س ڏي ٿو