اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي سفير سان گڏ انهن ??و ترجمان ۽ وڪيل پڻ بڻجندس، سلامتي ڪائونسل مان ڪشميرين کي انهن ??ي خودمختياري جو حق ڏياري رهنداسين، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين سان گڏ رهنداسين. والاريل ??مون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي جابراڻي ۽ غاصباڻي فوجي چڙهائي جي حوالي سان ڪاري ڏينهن موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اهو ڪارو ڏينهن ??هي جڏهن 72 سال اڳ ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاٿي، ان وقت جو ??ارتي وزيراعظم جواهر لال نهرو گڏيل قومن ۾ پاڻ اهو مسئلو کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڏنو ته ڪشميري پاڪستان يا ڀارت سان گڏ رهڻ جو فيصلو پاڻ ڪن پر ڪشميرين کي اڄ تائين اهو حق نه مليو.