اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعو??ڻ چيو آهي ته نواز شريف جي سزا خ??م ناهي ٿي، طبي بنيادن تي رليف ڏنو ويو آهي، حڪومت نواز شريف جي صحت جي لاءِ دعاگو آهي، نواز شريف پنهنجي مرضي سان جتان چاهي علاج ڪرائي سگهي ٿو، عدالت ميڊيڪل بورڊ جي تجويز تي نواز شريف کي ضمانت ??ني آهي، وزيراعظم يا حڪومت جو ان ڪيس سان سڌوسنئون ڪو تعلق نه هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خصوصي معاون چيو ته نواز شريف جي سزا خ??م ناهي ٿي پر رليف ڏنو ويو آهي، نواز شريف کي اڱاري تائين رليف ڏنو ويو آهي.