اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارتي فوجين جي اچڻ جا 77 سال پُورا ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪ??مي??ي عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا آهن جن ۾ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ جاري صورتحال کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ترجمان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪ??مي??ي سياسي قيدين ۽ ڪارڪنن جي آزا??ي سميت انساني حقن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪارروائي تي زور ڏنو آهي. ترجمان چيو ته پ??ڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪ??مي??ين جي سياسي، سفارتي ۽ ا??لا??ي حمايت جاري رکندو.