اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 مئي تي اتر وزيرست??ن ۾ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ ??اب??و ڪيو ۽ ملڪ تي جان نڇاور ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سپاهي قاسم مقصود، سپاه?? عزيز ۽ لانس حوالدار زبير قادر جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فوجي جوانن جي شهادت تي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 26 اپريل تي ڏکڻ وزيرست??ن ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد سراج الدين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن شهيدن جي وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، صدر شهيدن جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.