اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي عي??الفطر جي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. عي?? تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت س??ادتن ۽ رحمتن کانپوءِ الله تعاليٰ عي?? جو انعام عطا فرمايو آهي، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو اظهار آهي. هن چيو ته صبر، ايثار ۽ قرباني جي ان مقدس مهيني اسان کي ٻين جي تڪليفن جو جيڪو احساس عطا ڪيو آهي، ان جي گهرج آهي ته عي??الفطر جون خوشيون ملهائيندي اسان پنهنجي ڀرپاسي سمورن لاچار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو خا?? خيال رکون اهو هن ڏينهن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آهي. وزيراعظم چيو ته ??ڪو??ت قوم کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. عي??الفطر جا ٽي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن اهل وطن عي?? جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عي??الفطر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، منهنجو پنهنجي قوم سان واعدو آهي ته اسان جو هر ڏينهن، هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ توهان محسوس ڪندا ته توهان جي ??ڪو??ت جي محنت جي نتيجي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي خوشين جي هن ڏينهن اسان پنهنجي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي م??ڪو?? مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت س??ن سرفراز فرمائي. هن چيو ته اسان پنهنجي افغان عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيون.