اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ??نا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه عطا مري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيرا??ظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي وزيرا??ظم جي بلوچستان جي دوري دوران مستحق ماڻهن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيرا??ظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت پاران ??نا ڪنهن تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي مجوزه طريقيڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي، هن هدايت ڪئي ته اهڙا مستحق ماڻهو جيڪي ??نا ڪنهن سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.