اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ارسلاوان ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لا??اپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي لا??اپ?? کي تمام گهڻي ??هم??ت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لا??اپ?? جي ??هم??ت کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس انتظامن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ارسلاوان ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي ز??ر ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لا??اپ?? کي سگهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي تيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.