اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان ويزن وچ ايشيا جي پاليسي تي گامزن ۽ ڪرغزس??ان سميت سمورين وچ ايشيائي رياستن ??ان واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جو گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزس??ان جي پنهنجي هم منصب ارسلان ڪازاڪ بائيف ??ان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ڪرغزس??ان ??ان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ جهڙي عقيدي، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت گهڻ رخي فورمن تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير موجوده لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي مٽاسٽا، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ اداراجاتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ باقاعدگي ??ان اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪس??ان ۽ ڪرغزس??ان جي وچ ۾ سڌوسنئون فلائيٽس جاري ڪرڻ جي حوالي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان گوادر پورٽ جي ذريعي ڪرغزس??ان کي مختصر ترين واپاري رستي جي فراهمي جي لاءِ راضي آهي. پرڏيهي وزير توانائي منصوبو ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد پڄاڻي جي لاءِ پاڪس??ان جي حمايت جو ورجاءُ ۽ پاڪس??ان – چين – ڪرغزس??ان – افغانستنا، چار ڌريي ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ جي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ جي لاءِ مختلف رخن سميت ڪرغزستان ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي ??ان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمن تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رابطن جو تسلسل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڪرغزس??ان جي پرڏيهي وزير ارسلان ڪازاڪ بائيف پرڏيهي وزير کي 82 هين پاڪس??ان قرارداد ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي 23 مارچ جي پريڊ ۾ پاڪس??ان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو.