اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ??يم??رن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پرو??را?? ۽ احساس راشن رعايت پرو??را?? جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن ??ي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ??يم??رن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي ??نڊ?? مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيراعظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، محمد اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ??يم??رن محمد اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، محمد عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، محمد اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.