اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏ??ل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊا??ري??ٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏ??ل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ??هڙ?? قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏ??ل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊا??ري??ٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يونيسيف جي ڪم ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پاڪستان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.