بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سانگ هي??يا??گ ۽ پاور چائنا جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊنگ ين زانگ آن لائين ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان جي توانائي جي شعبي بشمول قابل تجديد توانائي ۽ آبپاشي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري وڌا??ڻ بابت ه??ي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعا?? وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن آن لائين ا??لا?? ۾ شريڪ ٿيا.